خان خانان منعم بيگ

خان خانان‘ منعم بيگ: ’خان خانان‘ منعم بيگ، همايون بادشاهه جي خاص اميرن مان هو. همايون جڏهن سنڌ ۾ ارغونن سان وڙهي رهيو هو، تڏهن منعم بيگ ۽ بيرام خان هن سان گڏ هئا. 961هه / 1554ع ۾ منعم بيگ اڪبر بادشاهه جو اتاليق مقرر ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ اڪبر بادشاهه بيرام خان سان ناراض ٿيو ته ذوالحج 967هه/ 1560ع ۾ منعم بيگ کي وزارت جو عهدو ۽ ’خان خانان‘ جو لقب ڏنائين. منعم خان جو پٽ غني خان، ڪابل جو ناظم هو، جنهن کي پٺاڻن قتل ڪري ڇڏيو. ان جي جاءِ تي اڪبر بادشاهه منعم بيگ کي ڪابل ۾ مقرر ڪيو. هن پنهنجي پٽ جو بدلو وٺڻ لاءِ ترت پٺاڻن تي حملو ڪيو. جلال آباد جي ويجهو ٻنهي فوجن جي وچ ۾ گهمسان جي جنگ لڳي، جنهن ۾ منعم بيگ هارائي ڪابل مان ڀڄي نڪتو. اڪبر بادشاهه کيس ٻيهر گهرائي پهرين آگري جو وزيراعظم مقرر ڪيو ۽ پوءِ بنگال جي شهر بهار جي فتح کان پوءِ کيس بهار جو جاگيردار مقرر ڪيائين. خان خانان منعم بيگ اڪبر بادشاهه جي دؤر ۾ سڀ کان وڏو پنج هزاري امير ۽ سپهه سالار هو. چوڏنهن سال امير الامراء ۽ شاهي سپهه سالار رهيو. مغل سلطنت ۾ اڪبر جي ناراضگيءَ کانپوءِ سندس سڄي ملڪيت ضبط ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ قسمت جي آسري تي عادل شاهه بيجاپوريءَ وٽ وڃي پهتو. ڪجهه ڏينهن اتي رهڻ کان پوءِ 981 هه/ 1873ع ڌاري اتي ئي وفات ڪيائين. (حوالو: تذڪره ’ماثرالامراءِ‘، صمصام الدوله شاهنواز خان.)


لفظ خان خانان منعم بيگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو